بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي گڏيل ملڪي پيداوار ۾ هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 5.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق بلومبرگ جي تجزيڪارن ان عرصي ۾ 4.8 سيڪڙو اوسر واري شر?? جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب گڏيل ملڪي پيداوار ۾ نمايان طور تي 5.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. چين جي سرڪاري انگن اکرن واري اداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته قومي معيشت بحال?? جي رفت??ر کي برقرار رکيو آهي. صنعتي پيداوار ۽ زراعت ۾ ترتيبوار 6.1 سيڪڙو ۽ 3.8 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته سروسز سيڪٽر ۾ 5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته چين جي ڪميونسٽ پارٽ?? جي مرڪزي ڪميٽي ۽ صدر شي جن پنگ جي مضبوط قيادت ۾ معيشت سٺي شروعات ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی