گڏيل قومون-12 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي وڏي اڪثريت سان هڪ ٺهراءَ منظور ڪيو، جنهن ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبو ڪيو وي?? آهي. ان قر??رداد کي آمريڪا ۽ اسرائيل رد ڪري ڇڏي?? آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب جنرل اسيمبلي ۾ ان قر??رداد جي حمايت ۾ 158 جڏهن ته مخالفت ۾ 9 ووٽ وڌا ويا، جڏهن ته 13 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ٺهراءَ ۾ ترت ۽ غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي ۽ سمورن يرغمالين جي فوري ۽ غير مشروط آزادي تي زور ڏنو وي?? آهي. ان قر??رداد جو متن گذريل مهيني سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا پاران ويٽو ڪيل متن جهڙ?? آهي. اُن وقت آمريڪا پنهنجي اتحادي اسرائيل کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو هيو جيڪو اهو اڳ ۾ به ڪري چ??و آهي. گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي نائب سفير رابرٽ ووڊ آمريڪي موقف ورجائيندي چيو ته متن کي قبول ڪرڻ غلط هوندو. ووٽنگ کان اڳ اسرائيل جي گڏيل قومن ۾ سفير ڊيني ڊينن چيو ته اڄ اسمبلي جي سامهون پيش ڪيل قر??ردادون منطق کان مٿانهيون آهن، اڄ جو ووٽ همدردي جو ناهي، اهو شراڪتداري لاءِ ووٽ آهي. قر??رداد ۾ غزه خاص طور تي ڪڙو چڙهيل اتر وارن علائقن جي شهرين لاءِ وسيع پيماني تي انساني امداد ت??ئين فوري رسائي جو مطالبو ڪيو وي?? آهي. گڏيل قومن جي درجنين ميمبرن ووٽنگ کان اڳ اسمبلي کي خطاب ڪندي فلسطينين جي حمايت ڪئي.
گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور، آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان مخالفت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا