ڪراچي – 24 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي آپريشنل مشق رباط 2018ع ڪراچي ۾ شروع ٿي وئي. مشق جي افتتاحي سيشن ۾ وائيس چيف آف نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل ڪليم شوڪت خصوصي مهمان هو. جاري ڪيل پڌرائي موجب رباط سيريز جي مشقن ۾ روايتي کان وٺي غيرروايتي تائ??ن بدلجندڙ ??گهي مدي وارن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي جنگي حڪمت عملين جي جاچ ۽ انهن ??و عملي مظاهرو ڪيو وڃي ٿو. مشق ۾ بحيره عرب جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه جا گڏيل آپريشنز شامل هوندا. مشق جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وائيس چيف آف نيول اسٽاف پاڪ بحريه جي جنگي تياري تي زور ڏنو ۽ چيو ت?? گڏيل جنگي مشقون جديد جنگي حڪمت عملي جو بنياد آهن جنهن سان ملڪ جي دفاع لاءِ تربيت جا موقعا ملن ٿا.
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil