اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اس??ن جي تاريخ ۾ 23 مارچ جهڙو ڪو به ڏينهن نه آهي ڇو ته ان ڏينهن اس??ن جي بزرگن فيصلو ڪيو هو ته غير ملڪي حڪمرانن ۽ متعصب اڪثريت جي غاصباڻي طرز عمل کي شڪست ڏئي پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ بڻجون، اهڙن خيالن جو اظهار صدر جمعي ڏينهن هتي پريڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي م??قع?? تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان م??قع?? تي سوشلسٽ جمهوريه سريلنڪا جي صدر ميٿري پالاسري سينا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، چيئرمين جوائنٽ چيف آف آرمي ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، نيول چيف ظفر محمود عباسي، دفاع وارو وزير ??نجنيئر خرم دستگير ??ان، مختلف ملڪن جا سفير، پارليامينٽ جا ميمبر، وفاقي وزير، مختلف ملڪن جي فوجي آفيسرن سميت عوام جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪئي، صدر چيو ته 23 مارچ 1940ع تي اس??ن جي بزرگن هڪ اهڙو جديد، مضبوط ۽ جمهوري ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪيو هو جتي ڪير ڪنهن تي ظلم نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن جو اس??حصال ڪيو وڃي، اس??ن ان خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ قربانيون پيش ڪندڙ پنهنجي قائدين، بزرگن، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته اها شاندار پريڊ اس??ن جي خوابن جي هي هڪ حسين تعبير ??هي، هن چيو ته هن اهم تري?? قومي ڏهاڙي جي م??قع?? تي اس??ن جا بهترين دوست به پريڊ سميت پاڪستان جي ڏهاڙي جي ٻين تقريبن ۾ شريڪ آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا به خصوصي طور تي پاڪستان آيو آهي جنهن تي سڄي پاڪستاني قوم سندس آجيان ڪري ٿي.
صدر پاران پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ گرائونڊ ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر