اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ انفارميشن ڪميشن کي مڪمل فعال بڻائڻ ۽ سهولتن جي فراهمي جي خاطري ڪرائيندي گڏيل قومن، يونيسڪو سميت سمورن انساني حقن جي ادارن جي سامهون سوال اٿاريو آهي ته ڇا انهن ادارن کي گذريل 54 ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ??ي بربريت، ڪرفي?? ۽ ??نساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون نظر نه اچي رهيون آهن. هو سسٽين ايبل سوشل ڊولپمينٽ آگنائيزيشن (ايس ايس ڊي او) جي اهتمام عالمي اسلامي يونيورسٽي ۾ ”انفارميشن ڪميشن جو هڪ سال، معلومات تائين پهچ جي قانون تي عملدرآمد جا چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2