اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 80 لک ڪشميري پنهنجي گهرن ۾ قيدين جي زندگي گذاري ??هيا آهن، ڀارت جي قابض فوج پاران وڏي پئماني تي ا??ساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين دنيا سان انهن جا مواصلاتي رابطا ڪاٽيا ويا آهن، نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ عدالتن کان مٿانهون شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ نام نهاد تلاشي جون ڪارروايون روزانو ٿي رهيون آهن ۽ ڪشمي?? جي حقيقي سياسي قيادت جيلن ۾ بند آهي، 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي قدم غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي رابطن جو ڪاٽڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي هڪ سال مڪم?? ٿيڻ تي ملهايو ويندڙ استحصال ??هاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جي غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي بندشن والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? جي ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي سڃاڻپ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ا??تهاپسند ۽ توسيع پسنداڻي سوچ رکندڙ بي جي پي آر ايس ايس جي نمائنده ڀارتي حڪومت هندوتوا ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ ڀارتي حڪومت خطي ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ مسلمان اڪثريت کي ا??يت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ??هي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي قانونن ۽ خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي.
80 لک ڪشميري پنهنجي گهرن ۾ قيدين جي زندگي گذاري رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار