اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته ڪير بکي?? نه سمهي پروگرام کي پوري مل?? تائين سگهه ڏينداسين، سرندي وارا ماڻهو ان پروگرام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، هر شهري جي لاءِ هيلٿ انشورنس جو پروگرام فخر جوڳو آه??، ان پروگرام کانپوءِ هاڻي ڳوٺاڻن علائقن ۾ به نجي شعبي ۾ سٺيون اسپتالون ٺهنديون. لاهور، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ ڪير بکي?? نه سمهي پروگرام جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خاص طور تي ڪير بکي?? نه سمهي پروگرام جي تصور کي عملي جامعو پارائڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن ان تصور کي ٽرڪ موبائيل ڪچن جو تصور ڏئي عملي جامعو پارايو، جيڪي علائقا سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل ۽ غريب هوندا اتي ان پروگرام تحت اهي موبا.ئيل ٽرڪ ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪنديون، شروعاتي طور تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو ان ۾ جيڪي مشڪلاتون اچي رهيون هيون انهن جو جائزو ورتو ويو ۽ ان کانپوءِ لاهور، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ اهو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، هي شروعات آه??، ان جو دائرو پوري مل?? تائين وڌايو ويندو، غريب ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ اهي موبائيل ٽرڪ موڪليون وينديون.
ڪير بکيو نه سمهي پروگرام کي پوري ملڪ تائين سگهه ڏينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : quina acumulada