اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد س??ير مسعود خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا حصيداري ۽ گڏيل هدفن جي بنياد تي قائم آهن. وزيراعظم نامزد س??ير مسعود خان کي هدايت ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان رابطو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي تمام گهڻي متحرڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم نامزد س??ير کي هدايت ڪئي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پبلڪ ڊپلوميسي جي لاءِ ڪم ڪري. هن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کي صحيح طور تي اجاگر ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم نامزد س??ير کي نئين ذميوارين جي سلسلي ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪا جي لاءِ نامزد س??ير مسعود خان هڪ تجربيڪار سفارتڪار آهي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير طور پڻ ذميواريون ??رانجام ڏئي چڪو آهي، هو نيويارڪ ۽ جنيوا سميت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي طور پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کا??سو??ءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ پڻ خدمتون ??رانجام ڏئي چڪو آهي.
وزيراعظم عمران خان سان آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مسعود خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے