لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو، گورنر هائوس لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيرا??ظم سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي 193 پي ٽي آءِ ميمبرن چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب اسيمبلي ۾ ليڊر آف دي هائوس طور نامزدگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ ??هي ۽ ڪير سان گڏ نه آهي. هن چيو ته وڏي وزير عثمان بوزدار عاجزي، انڪساري ۽ رات ڏينهن محنت سان ساڍا ٽي سال گذاريا ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وقت ثابت ڪندو ته وڏي وزير جي ڪارڪردگي بهترين هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، منهنجي نظر ۾ ان جو قد وڌي ويو آهي. هن چيو ته پنج 6 مهينن کان ٻاهرين سازش جو پلان بڻجي رهيو هو ۽ هتي جا رانديگر ان جو حصو هئا، مون کي خوشي آهي ته پارٽي جا ماڻهو اسان سان گڏ ??يٺل آهن، هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي پاڻ ڏسندس، مون کي خوشي آهي ته منهنجي ٽيم گڏ ??يٺل آهي، هن عورتن اسيمبلي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان تيزي سان بدلجي رهيو آهي، تڪن ۾ سياست به بدلجي وئي اهي ۽ هاڻي سڀ قومي غيرت ۽ خودداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، وزيرا??ظم چيو ته چوڌري پرويز الاهي کي پورو يقين ڏياريان ٿو ته پارٽي توهان سان گڏ ??يٺل آهي ۽ توهان کي ڪامياب ڪرائيندي. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار چوڌري پرويز الاهي جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، چوڌري پرويز الاهي وزيرا??ظم ۽ پي ٽي آءِ جو ڀرپور ساٿ ڏي?? تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته وقت ثابت ڪندو ته هي هڪ بهتري?? فيصلو هو. هن چيو ته گڏيل سهڪار سان ٻنهي پارٽين کي سگهه ملندي، پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونسازي ڪئي ۽ ختم نبوت سميت قرآن مجيد جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي، ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه سميت ٻيا به موجود هئا.
جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ آهي ۽ ڪير سان گڏ نه آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : números dupla sena