اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڪئناڊا جي عالمي ت??قي واري وزير هرجيت سجن جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب ڪينيڊين وزير ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي گهري همدردي جو اظهار ڪيو ۽ جلد کان جلد بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اميد ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر نازڪ وقت ۾ ڪينيڊين وزير جي پاڪستان جي دوري کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. هن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪيو جنهن 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، بنيادي ڍانچي کي ت??اهه ڪيو ۽ 4 ملين ايڪڙ فصلون لُڙهي ويون. هن چ??و ته ان آفت جا پاڪستان ?? غذائي ت??فظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا منفي اثر پوندا. مملڪتي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي بحران جو شڪار آهي. هن موسمياتي ت??ديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران متحد ۽ فيصلائتي ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. مملڪتي وزير چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت بچاءُ ۽ ام??ادي ڪوششن ۾ مصروف آهي، نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري پاران وسيلن جي موثر متحرڪ ۽ ڊگهي مدي واري عزم جي ضرورت هوندي. پاڪستان ?? ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ?? ڪئناڊا جي ت??قياتي منصوبن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن موسمياتي ت??ديلي، زراعت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڪينيڊين وزير چيو ته ڪئناڊا ٻوڏ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي لچڪدار ڍانچي جي ت??مير لاءِ ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ پرعزم آهي. هو ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي سطح جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪئناڊا جي هڪ وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وفد ۾ ڪينيڊين پارليامينٽ جا ٽي پاڪستاني ڄاوا ميمبر اقرا خالد، سلميٰ زاهد ۽ شفقت علي پڻ شامل هئا.
حنا رباني کر سان ڪئناڊا جي عالمي ترقي واري وزير جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria