ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته بلوچستان ۾ 19 سالن کانپوءِ قومي رانديون منعقد ٿيڻ خوش آئنده قدم آه?? جيڪو ان ڳالهه جي دليل آه?? ته بلوچستان هڪ پر??من صوبو آه?? جتي صحتمنداڻي سرگرمين جو منعقد ٿيڻ ممڪن آه??، منظم انداز ۾ قومي سطح تي انهن راندين جي منعقد ٿيڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، راندين ۽ ثقافت وارو صوبائي وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي پڻ موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آه?? ته قائداعظم مح??د علي جناح پنهنجي ذاتي پئسن سان 1948ع ۾ جيڪا ٽرافي خريد ڪئي هئي اها اڄ به بلوچستان ۾ موجود آه?? ۽ قائداعظم جي بلوچستان ۽ راندين سان محبت جو مظهر آه??. قائداعظم مح??د علي جناح ۽ محترمه فاطمه جناح نوجوانن جي مثبت رخ ۾ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندا هئا ۽ اڄ به اسان کي انهن عظيم شخصيتن جي رستي تي گامزن رهڻ جي ضرورت آه??. ڪوئيٽا ۾ نيشنل گيمز منعقد ڪرڻ سان پوري دنيا تي واضح ٿيو ته بلوچستان هڪ پر??من ۽ مح????ظ صوبو آه??، موجوده ۽ اڳوڻي حڪومتن بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون جيڪي ڪارائتيون ثابت ٿيون، هي صوبو بنا ڪنهن شڪ جي زرخيز ۽ معدني دولت سان مالامال خطو آه?? جيڪو پوري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته بلوچستان ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير توهان نوجوانن جي هٿن ۾ آه??، اڄ جي مح??ت سڀاڻي جي روشن مستقبل جي ضمانت آه?? ۽ قائداعظم مح??د علي جناح جي فرمانن موجب ترقي جا هدف اتحاد جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اهو واضح آه?? ته ڪا به طاقت بلوچستان ۽ پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان نه ٿي روڪي سگهي. صدر سمورن رانديگرن، منتظمين ۽ پوليس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بهترين ۽ منظم انداز ۾ قومي سطح جون رانديون منعقد ڪرڻ هڪ ٽيم ورڪ جو نتيجو آه??، 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامياب ٽيمن سان گڏوگڏ بلوچستان جي راندين ۽ ثقافت واري وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي، سيڪريٽري اسپورٽس مح??د اسحاق جمالي، بلوچستان پوليس جي نمائندي کي شيلڊ پيش ڪئي. تقريب ۾ بلوچي چاپ سميت رنگارنگ پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا.
بلوچستان ۾ 19 سالن کانپوءِ قومي رانديون منعقد ٿيڻ خوش آئنده قدم آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ