لاهور – 13 جون (اي پي پي) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪي?? ۽ سامونڊي طوفان بائپر جوائي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائي. نگران وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي سميت پنجاب جا لاڳاپيل ??دا??ا هر وقت سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي مدد لاءِ حاضر آه?? ۽ ??احلي علائقن ۾ آبادي جي انخلا جي حوالي سان به سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ تيار آهيون. وڏي ڀاءُ جي حي??يت سان سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ذميواري قومي فرض سمجهي نڀائينداسين. هن چيو ته پنجاب جي امدادي سرگرمين سان لاڳاپيل ??دا??ن کي سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سهڪار جي يقين ڌياني تي پنجاب جي نگران وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪي??. هن چيو ته صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيو?? ۽ ??رورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.
پنجاب جي نگران وڏي وزير جو سنڌ جي وڏي وزير سان ٽيلي فونڪ رابطو، سامونڊي طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا