اسلام ??با?? – 22 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور ??ي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهواسي 60 سالا شهري غياث جي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پا??ست??ن جو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، اهو واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پا??ست??ن لائين آف ڪنٽرول تي امن امان کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ??يندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون 2003ع جي سيز فائر مفاهمت جي واضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي فيبروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. بيان موجب ان ڳالهه تي زور ??نو ويو ته ڀارتي فوج کي انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني وقار ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي ابتڙ آهي. ڀارت تي زور ??نو ويو ته هو واقعي جي جاچ ڪري ۽ سيز فائر مفاهمت جو ا??ترام ڪري.
ڀارتي ناظم الامور پرڏيهي وزارت طلب، نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيل واقعي تي پاڪستان جو سخت احتجاج
مضمون کا ماخذ : بونانزا