اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران سيٽ اپ چونڊ عمل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي، وفاقي ۽ صوب??ئي سطح تي اهڙن آفيسرن ۽ سياسي شخصيتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي اسمگلنگ ۽ غيرقانوني واپاري سرگرمين ۾ ملوث هئا، لاڳاپيل عملدار انهن جي خلاف ثبوت پڻ حاصل ڪري رهيا آهن جن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن سان انهن کي سزا ٻڌ??ئي ويندي، هن يقين ڏياريو ته اهڙين سرگرمين ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف سخت ڪاررو??ئي ڪئي ويندي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام دوران ڳالهائيندي نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ايراني تيل جي اسمگلنگ جي معاملي ۾ ڪيتر??ئي بيوروڪريٽس ۽ سياسي شخصيتون ملوث آهن. ماضي ۾ سياسي شخصيتن سرحدي علائقن ۾ واپار جي اجازت ڏيڻ جو معاملو اٿاريو هو. انهن علائقن جا ڊپٽي ڪمشنرز تيل کڻي ويندڙ هر گاڏي جي چرپر جي لاءِ 200000 کان 250000 رپين جا ٽوڪن جاري ڪندا هئا. اهڙيون 20000 کان وڌيڪ گاڏيون غيرقانوني واپار ۾ ملوث آهن، جنهن سان غيرقانوني آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. ڊالر جي غيرقانوني واپار جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هن سخت قدمن جي ذريعي ان و??پار کي عملي طور تي موجوده قانون لاڳو ڪرڻ جي ذريعي روڪيو. اسان اهڙي طرح جي غيرقانوني سرگرمي جو نالو تبديل ڪري ان کي ”غيرقانوني واپار“ قرار ڏنو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اسان ان سلسلي ۾ هڪ سنگ ميل حاصل ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪي ڊالر کي مختلف ڪرنسين ۾ تبديل ڪري پوري خطي ۾ ڦهلايو ويو، جنهن سان هڪ شيطاني چڪر شروع ٿيو جيڪو گذريل ڏيڍ سال کان ڪم ڪري رهيو هو، جنهن کي هاڻي عملي ڪريڪ ڊائون، قانون ۽ بارڊر مئنيجمينٽ ذريعي ٽوڙيو پيو وڃي. نگران و??يراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني رپيو وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ملڪ ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت هن راءِ ڏني ته چونڊون جنوري جي وچ يا جنوري جي آخر تائين ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميشن تي آهي. هن چ??و ته نگران سيٽ اپ چونڊ عمل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته تڪبنديون هڪ آئيني عمل آهي، صدر ان سلسلي ۾ اي سي پي کي مشورو به ڏنو هو ۽ ڪميشن ان تي غور ڪندي. نگران و??يراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ناڻي واڌ جو تعلق شين جي طلب، پهچ ۽ ضروري خدمتن جي دستيابي سان آهي. هن چ??و ته ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي ذريعي مصنوعي مهانگ??ئي پيدا ڪئي وئي، اسمگلنگ جي خلاف جاري آپريشنز جا ٺوس ۽ مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، هن کند جي قيمت ۾ گهٽت??ئي جو حوالو ڏنو. معاشي بحالي جي حوالي سان هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن موجوده آرمي چيف کي قومي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. هن انهن سول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي تي زور ڏنو جن کي خراب ٿيندڙ صورتحال درپيش آهي. نگران و??يراعظم چيو ته ايندڙ حڪومت کي خدمتن جي تياري ۽ اضافي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مالي سڌارن جي پروگرام کانسواءِ سياسي پارٽين جو منشور نگران حڪومت جي مختصر مدي دوران ٿيندڙ ڪاميابين کي متاثر ڪري سگهي ٿو. هن چ??و ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان و??ڳيل آهي ۽ سمورين سياسي پارٽين کي آئيني ۽ قانوني شقن جون ڌڄيون اڏائڻ کانسواءِ قانوني رستي سان سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جو قانوني حق حاصل آهي. 9 مئي جي واقعن بابت هن چ??و ته ڪاوڙ ۾ اچي ڪير پنهنجي ئي گهر کي ڪيئن باهه لڳ??ئي سگهي ٿو. اهڙين حرڪتن ۽ طرزعمل ۾ ڪو منطق نه هو ۽ اهو قابل قبول نه آهي. هن زور ڏئي چيو ته جيڪڏهن آئون پي ٽي آءِ (پاڪستان تحريڪ انصاف) جو حصو هجان ها ته آئون اهڙين حرڪتن جي حقيقي مذمت ڪريان ها ۽ پارٽي کي ڀڃ ڊاهه کان پري ڪريان ها. پي ٽي آءِ سربراهه جي ٽرائل بابت سوال جي جواب ۾ نگران و??يراعظم چيو ته اهڙن معاملن جو فيصلو عدالتن تي ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي جي گرفتاري بابت هن چ??و ته اهو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي آهي ته ڇا قانون ڪنهن کي هٿڪڙي لڳائڻ جي اجازت ڏي ٿو يا نه. پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پاڪستان و??پسي بابت هڪ سوال بابت هن چ??و ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فيصلو ڪندا ته ڇا ان کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو يا ٻي صورت ۾ قانونن موجب عمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته هو رڳو ان صورت ۾ مداخلت ڪندا جڏهن قانونن جي خلاف ورزي ڪئي وئي هجي. ايندڙ چيف جسٽس آف پاڪستان جي آج??ان ڪندي نگران و??يراعظم چيو ته هو کيس پنهنجي اباڻي صوبي بلوچستان جي هڪ روشن خيال شخصيت سمجهي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته هو عدالتي سڌارن جي شروعات ڪندو. نگران و??يراعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪي فوج افغان نيشنل آرمي کي تربيت ڏني ۽ افغانستان ۾ کربين ڊالر خرچ ڪيا پر انهن جي انخلا کانپوءِ افغان نيشنل فورس تيزي سان گم ٿي وئي ۽ انهن کي ڏنل هٿيار به گم ٿي ويا. هاڻي اهي ئي سڄي دنيا ۾ بليڪ مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. هن چ??و ته ٽي ٽي پي، داعش ۽ بي ايل اي جهڙين دهشتگرد تنظيمن پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ اهڙا هٿيار استعمال ڪيا آهن. افغان رهواسين جو هڪ وڏو انگ جيڪو بنا دستاويزن يا جعلي دستاويزن جي پاڪستان ۾ رهي ٿو انهن کي فوري طور تي واپس موڪليو ويندو. نگران و??يراعظم ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته سڀني جو شفاف احتساب ٿيڻ گهرجي پر ان کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪرڻ ختم ٿيڻ گهرجي.
نگران سيٽ اپ چونڊ عمل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada