اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي رقم روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ جي ذريعي منتقل ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، اوورسيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نعمان مصطفيٰ جي سربراهي ۾ اوورسيز پاڪستانيز جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيند?? ن??ران وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آه??، ملڪي مع??شت ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ رقم جي منتقلي جو محفوظ ذريعو آهي جنهن جي استعمال سان ملڪي مع??شت جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي، اوورسيز پاڪستانيز جي سيڙپڪاري ۽ انهن جي ملڪيتن جي حفاظت حڪومتي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي جي گنجائش نه آهي، اوورسيز پاڪستانين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش