دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي لاءِ قائم ڪيل پاڪستان پويلي?? جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم کي لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ ڳالهين ۽ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان پاران ٿيندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم کي ”ليونگ انڊس انيشي ايٽو“ بابت ??ڻ بريفنگ ڏني وئي جيڪو سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪري ۽ ماحولياتي لاهن چاڙه?? جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت جي بحالي جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم پويلين ۾ پاڪستاني موسمياتي ماهرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي معاملن ۽ موسمياتي تبديلي وارا نگران وفاقي وزير ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستا?? جو سفير پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.
نگران وزيراعظم پاران ڪوپ -28 لاءِ قائم ڪيل پاڪستان پويلين جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو