اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ، تماڪو، کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ سميت اهم شعبن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انڪوائري ڪميٽي ايندڙ ست ڏينهن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي مڪمل فعال ٿيڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪندي. ??زي??اعظم چيو ته ڪميٽي ڪارخانن ۾ ٽيڪس جي خودڪار نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي تجويزون پڻ ڏيندي. ??زي??اعظم پڇيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مڪمل طور تي فعال ڇو نه ٿي سگهيو؟، تماڪو، کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ جي صنعت ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي مڪمل بحال ٿيڻ گهرجي ها. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته انهن چئن وڏن شعبن کانسواءِ باقي اهم شعبن ۾ پڻ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳايو وڃي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ٿيڻ ۾ ايندڙ سمورين قانوني رڪاوٽن کي ??تم ڪيو وڃي، سيمنٽ جي ڪارخانن جي سمورين پروڊڪشن لائي??ز تي سسٽم لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ??زي??اعظم ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي خودڪار نظام ۽ ڊيجيٽل اسٽريٽجي لاڳو ڪرڻ جي ٺوس حڪمت عملي طلب ڪندي چيو ته اهڙا سمورا ڪارخانا جيڪي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ کان انڪاري هجن انهن کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي، اوڳاڙين سان گڏوگڏ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ک?? جعلسازي ۽ غيرمعياري مصنوعات جي روڪٿام لاءِ پڻ استعمال ۾ آندو وڃي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته جعلي ۽ غير رجسٽرڊ سگريٽ جي وڪري جي خاتمي ۽ انهن کي ضبط ڪري تلف ڪيو وڃي. ??زي??اعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ مافياز ملي ڀڳت سان قومي خزاني کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن هدايت ڪئي ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن. اجلاس کي کنڊ، سيمنٽ، ڀاڻ ۽ تماڪو جي شعبي ۾ خودڪار ٽيڪس نظام جي موجوده صورتحال ۽ ان کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تماڪو جي 14 وڏن ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مڪمل طور تي فعال آهي جڏهن ته 12 ڪارخانن کي سسٽم نه لڳائڻ جي ڪري سيل ڪيو ويو آهي، ڀاڻ جي سمورين صنعتن ۾ پڻ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مڪمل طور تي فعال آهي. وڌيڪ اهو ته کنڊ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ سسٽم هڻڻ ۾ فني رڪاوٽون درپيش آهن جن کي ??تم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ گودامن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ڏس ۾ ايف بي آر جي معاونت ڪن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ