اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ج??ٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري سپريم ڪورٽ جي 22.03.2024 جي فيصلي جي روشني ۾ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب رٽائرمينٽ نوٽيفڪيشن ج??ٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جي عمر پوري ٿيڻ جي تاريخ 30.06.2024 کا?? لاڳو هوندو. صدر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 195 تحت ڏني. صدر آصف علي زرداري ج??ٽس شوڪت عزيز صديقي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽائڻ جو 11.10.2018 لاء اينڊ ج??ٽس ڊويزن جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي پڻ منظوري ڏني. ج??ٽس شوڪت عزيز صديقي کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سفارشن تي، آئين جي آرٽيڪل 209 (6) تحت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽايو ويو هو. صدر قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويزن جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني.
صدر پاران جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری