اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت ڪ??آر??ينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ چيو آهي ته ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سمورن هوائي اڏن ۽ زميني رستن تي هيلٿ ورڪرز ۽ نان هيلٿ ورڪرز کي سکيا ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ا??ڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ايم پاڪس جي ج??ئزه اجلاس دوران ڳالهيائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊي جي هيلٿ ۽ صحت جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بارڊر هيلٿ سروسز پاران سمورن هوائي اڏن ۽ انٽري پوائنٽس تي منڪي پاڪس يا ايم پاڪس وائرس کان بچڻ لاءِ جاري قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر احمد مختار برٿ چيو ته ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هوائي اڏن تي ??سڪينرز فعال آهن ۽ اسڪريننگ ۽ سرويلينس جو اثرائتو نظام موجود آهي. ڊبيلو ايڇ او جي ايس او پيز تي ??ملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ روزانو جي بنياد تي ??ورتحال جي نگراني ج??ري آهي.
ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون: ڊاڪٽر مختار احمد برٿ
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ