اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقو?? سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ بارڊر مينيجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ سهڪار وڌائڻ، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڪينبرا ۽ پسگردائي وارن علائقن تي ٻڌل آسٽريلين ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت اچڻ تي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستاني ٽيم 30 آڪٽوبر تي آسٽريليا جي دوري تي رواني ٿيندي، اميد آهي ته ان دوري دوران ??نهي ملڪن جي عوام کي ڀرپور راند ڏسڻ لاءِ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عورت رانديگرياڻين کي بگ بيش لاءِ اين او سي جاري ڪئي ويندي.آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر خاطري ڪرائي ته آسٽريليا ٽريننگ، عورتن ۽ نابين ماڻهن جي ڪرڪيٽ ۾ سهڪار ڪندو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر گهرو وزير محسن نقوي کي آسٽريلوي ٽيم جون صحيحيون ڪيل ڪرڪيٽ ??يٽ پڻ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پوري ٽي?? مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا آسٽريليا سميت سمورن ملڪن ڏانهن ٿيل انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڀرپور طريق?? سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي صلاحيتن ۾ اضافي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان آسٽريليا جي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقن مان ??ائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، وفاقي گهرو وزير آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آڇ جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ڊسمبر ۾ آسٽريليا ۾ منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته افغان ??ناهگيرن جي آسٽريليا منتقلي ۾ پاڪستان ??ر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، اسلام آباد ۽ آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج