لنڊن_ 08 فيبروري(اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردگان عالمي برادري جي امداد جي آجيان ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب برطانيا جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ترڪ صدر برطانيا جي وزيراعظم رشي سونڪ سان ٽيليفون تي رابطي دوران برطانيا پاران يڪجهتي تي ان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ شروعاتي هنگامي رد عمل لاءِ عالمي امداد جي آجيان ڪئي. برطانيا جي وزيراعظم ترڪ صدر سان تعزيت جو اظهار ڪندي تصديق ڪئي ته ترڪ حڪومت جي د??خو??ست تي 77 برطانوي ريسڪيو ماهر ترڪيه پهچي ويا آهن، ٽيليفون تي رابطي دوران ٻن??ي اڳواڻن پاڙيسري ملڪ شام جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،رشي سونڪ ات?? اولهه شام ۾ سرحد تي انساني همدردي جي سنگين صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون ، واضع رهي ته روس ??ميت ڪيترائي ملڪ اڳ ئي پنهنجون امدادي ٽيمون ترڪيه م??ڪلي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ