گڏيل قومون -04 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته 2022ع ۾ 25 ڪروڙ 80 لک ماڻهو شديد غذائي عدم ت??فظ جو شڪار هئا، گذريل ڏينهن جاري ڪيل سڄي دنيا ۾ خوراڪ جي بحرانن تي گڏيل قوم?? جي رپورٽ ۾ چيو و??و آهي، ته 2022ع ۾ عالمي تڪرارن، موسمياتي تبديلي، ڪورونا وائرس جي وبا جي اثرن ۽ يوڪرين تي روس جي حملي سبب 58 ملڪ?? جي 25 ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي شديد غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ ۾ چيو و??و آهي، ته صوماليه، افغانستان، برڪينو فاسو، هيٽي، نائيجيريا، ڏک?? سوڊان ۽ يمن ۾ ماڻهو فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن ۽ ان دوران ڪيتريون ئي فوتگيون پڻ ٿيون آهن. رپورٽ ۾ چيو و??و آهي ته 25 ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي فوري خوراڪ جي ضرورت آهي. لڳاتار چوٿين سال انهن ماڻه?? جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. واضح رهي ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي نئين س??بر??هه تنبيهه جاري ڪئي آهي، ته خوراڪ جي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سندس اداري جا وسيلا خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهيا آهن.
سڄي دنيا ۾ 25 ڪروڙ 80 لک ماڻهو شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری