تل ابيب – 05 اپريل (اي پي پي) اسرائيل ڏڪار جي خطري جو شڪار غزه ۾ امداد جي فرا??مي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق اسرائيل جمعي تي اعلان ڪيو ته ڏڪار جي خطري جو شڪار اتر غزه ۾ عارضي امداد جي فرا??مي جي اجازت ڏيندو. خميس تي آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻڌايو ته اسرائيل با??ت آمريڪي پاليسي غزه ۾ شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن جي تحفظ تي ٻڌل آه??، اهو واشنگٽن طرفان اسرائيل جي فوجي مدد لاءِ امڪاني شرط ڏانهن پهريون اشارو هو. ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ اسرائيل اعلان ڪيو ته هو غزه لاءِ وڌيڪ امدادي رستا کولي ڇڏيندو. نيتن ياهو جي آفس ٻڌايو ته اسرائيل جي وار ڪيبنٽ اشدود پورٽ ۽ ايريز لينڊ ڪراسنگ ذريعي عارضي امداد جي فرا??مي جي اجازت ڏني آه??، ان سان گڏو گڏ اردن کان ڪريم شالوم ڪراسنگ تي پڻ فرا??مي ۾ اضافو ڪيو ويو. وائٽ هائوس فوري طور انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي صدر جوبائيڊن جي درخواست تي ڪيل قدم قرار ڏنو. وائٽ هائوس چيو ته انهن قدمن کي هاڻي مڪمل طور وڌيڪ تيزي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل طرفان غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ