رياض -11 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت خادم حرمي?? شريفين جي پروگرام تحت حج لاءِ ايندڙ 9 ملڪن جي ??ڌي?? 145 شاهي مهمانن جي آجيان ڪئي آهي. ميڊيا مطابق هن وقت تائين 75 ملڪن جا هڪ هزار 75 شاهي مهمان سعودي عرب پهچي چڪا آهن. ياد رهي ته سڄي دنيا جي 88 ملڪن مان 3 هزار 322 حج پانڌيئڙا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي خصوصي دعوت تي حج جو فرض ادا ڪندا. انهن ۾ ٻه هزار حج پانڌيئڙا فلسطين ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمي شهرين جي وارثن مان هوندا جڏهن ته 22 حج پانڌيئڙا سعودي عرب ۾ ڌار ٿيل سيامي ٻارن جا و??لدين هوندا. اسلامي معاملن واري وزارت ان پروگرام تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪندي آهي. سعودي اسلامي معاملن واري وزير ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ جي هدايت تي شاهي مهمانن جي خدمت لاءِ ??ائ?? ڪميٽيون حج پانڌيئڙن جي آمد جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، رهائش، کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ کان علاوه ٻيون خدمتون فراهم ڪندا.
هڪ هزار شاهي مهمان حج لاءِ سعودي عرب پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے