اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) عالمي سطح تي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان سڄي دنيا تائين ڪشميرن جو آو??ز پهچائڻ جو موثر ذريعو پارلياماني سفارتڪاري آهي، ان سلسلي ۾ قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سڄي دنيا جي پارليامينٽس تائين ڪشمير جي صورتحال واضح ڪرڻ، پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي موثر ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪ??ڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. تفصيل موجب قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر ڀارتي آئين جي شق 370 ۽ 35 اي جي خاتمي جي ذريعي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪ??ڻ جي قدم جي فوري بعد پارلياماني سفارتڪاري جو سلسلو شروع ڪيو ۽ هن ب??ن الپارلياماني يونين جي 189 ملڪن جي پارليامينٽن کي خط موڪليا جنهن ۾ هن چيو ته ڀارت جي ان ڀيانڪ قدم خطي جي ڳنڀير صورتحال کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيو آهي، هن پنهنجي خط ۾ مطالبو ڪيو ته دنيا جون چونڊيل پارليامينٽس ڀارت جي انسانيت لڄائيندڙ ڏوهن جي خلاف آو??ز بلند ڪن.
دنيا تائين ڪشميرن جو آواز پهچائڻ جو موثر ذريعو پارلياماني سفارتڪاري آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا