ماسڪو- 22 آگسٽ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته چين سان واپاري لاڳاپن کي تيزي سان وڌائي رهيا آهيون. سي جي ٽي اين مطابق روسي صدر گادي واري شهر ماسڪو جي ڪريملن پيلس ۾ چين جي و??ير??عظم لي چيانگ سان ملاقات ڪرڻ بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل وسيع پيماني تي گڏيل ??لان ۽ اقتصادي ۽ انساني منصوبا عمل هيٺ آهن. هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ سان ڳالهين بعد طئي ڪيل ??عاهدن ۾ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي. اميد آهي ته صدر شي هلندڙ سال قازان ۾ متوقع برڪس سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. روسي صدر و??ير??عظم لي چيانگ جي ماسڪو جي دوري دوران پڻ ڪيترن ئي معاهدن ??ي صحيحن طرف اشارو ??يو ۽ چيو ته توهان سان ملاقات اسان لاءِ خوشي جو سبب آهي. اسان جي چيني هم منصبن جي پڻ ڪوششن سان روس – چين جا واپاري لاڳاپا ترقي ڪري رهيا آهن ۽ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان گڏيل ??لان ۽ اقتصادي ۽ انساني منصوبا عمل هيٺ آهن. چين جي و??ير??عظم لي چيانگ به چيو آهي ته روسي صدر جي قيادت هيٺ ر??س 12 سالن ۾ مستحڪم شڪل ۾ اقتصادي ترقي ڪئي آهي.
چين سان واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏئي رهيا آهيون: روس
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری