ميڪسيڪو سٽي _ 29 آگسٽ (اي پي پي) ميڪسي??و جي صدر اندريس مانوئل لوپز اوبردور ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ڪينڊا جي سفيرن س??ن لاڳاپا معطل ڪ??ي ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ميڪسيڪو سٽي جي سرڪاري محل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اوبرادور اعلان ڪيو ته آمريڪا ۽ ڪي??يڊ?? جي سفيرن س??ن لاڳاپا في الحال معطل ڪيا ويا آهن ڇو ته انهن اسان جي عدالتي سڌارن تي تنقيد ڪئي هئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ناهي ڪندو. آمريڪي سفير ڪين سلازار سان اسان جا لاڳاپا سٺا آهن پر في الحال معطل آهن. کيس ميڪسي??و جي خود مختياري جو احترام ڪرڻ جي ضرورت آهي جيتوڻيڪ اسان کيس اهو نه ٻڌائينداسين ته ڇا صحيح آهي يا ڇا غلط آهي. اسان ان کان احترام جي توقع ضرور ڪريون ٿا. صدر اوبرادور چيو ته آمريڪا ۽ ڪي??يڊ?? جي سفيرن س??ن معطل ٿيل لاڳاپن جو انهن جي مرڪزي حڪومتن س??ن ڪو تعلق ناهي، جيڪڏهن سفير ميڪسي??و جي خودمختيا??ي لاءِ ضروري احترام جو مظاهرو ڪندا ته لاڳاپا اڳ ۾ وانگر جاري رهندا.
ملڪي معاملن ۾ دخل اندازي، ميڪسيڪو آمريڪا ۽ ڪينڊا جي سفارتخانن سان لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج