گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشي جون ڪا??رو??ئيون والاريل اولهندي ڪناري تائين پکڙجڻ بابت خبردار ڪن??ي چيو آهي، ته اسرائيل جي نسل پرستي غزه ۽ اولهندي ڪناري کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فلسطيني ع??ائ??ن ۾ گڏيل قومن جي خاص ??ما??ندي فرانسسڪا البانيز هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته اسرائيل طرفان نسل ڪشي جون ڪا??رو??ئيون غزه کان اڳتي وڌي والاريل فلسطيني ع??ائ??ن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسرائيل کي هڪ ڊگهي عرصي کان ڏنل ڇوٽ والاريل ع??ائ??ن ۾ فلسطيني شهرين کي ختم ڪرڻ جي اجازت برابر آهي. هن چيو ته فلسطينين کي ??نه?? طاقتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ته جيڪي کين هڪ قومي گروهه طور ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي کي فوري طور روڪڻ لاءِ پنهنجي طاقت ذريعي هر ممڪن ڪوشش ڪري. هن فلسطيني ع??ائ??ن مان اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ آبادڪارن طرفان فلسطينين جي زمينن تي قبضي کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل طرفان پرتشدد ڪا??رو??ئين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جتي اٽڪل 4 لک 90 هزار اسرائيلي آبادڪار 30 لک فلسطينين وچ ۾ رهن ٿا.
اسرائيل جُون نسل ڪشي واريون ڪارروائيون والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر