ڊن هوانگ (چين) – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ??لڪ چيو آهي ته سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبن سان واڳيل ??لڪ ۽ خطو پنهنجي ڪاميابين کي گڏ ڪري ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ جي زبردست موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي صوبي گانسو جي شهر ڊن هوانگ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي تي منعقد ٿيندڙ ميڊيا ڪارپوريشن فو??م کي خطاب ۾ ڪيو. فو??م ۾ 126 مل??ن ۽ عالمي ادارن جي 265 صحافتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. فو??م جو اهتمام چين جي صوبي گانسو جي حڪومت ۽ ناليواري چيني اخبار پيپلز ڊيلي گڏيل طور تي ڪيو آهي. اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ??لڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهو رخ آهي جنهن تي عملدرآمد ان وڏي منصوبي کي ڪاميابي جي داستان بڻائي ڇڏيندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ