اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته فارن فنڊنگ جي حوالي سان مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي تلاشي ڏيڻي پوندي، اهي جوتا لاهي ڀڄڻ جي تياري ۾ آهن، هن ڀيري کين ڀڄڻ نه ڏينداسين، اصل ڪهاڻي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال کانپوءِ سامهون اچڻي آ??ي ته ڪيئن پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، پارٽي اڪائونٽس ۾ به پاپڙ ۽ فالودي وارا ڪردار سامهون ايندا، پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي جي سامهون پنهنجو مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو، اي سي پي کي 40 هزار عطيات ڏيندڙن جو رڪارڊ ۽ 16 واليم پيش ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آ??ي ته جي يو آءِ سميت سمورين پارٽين کان اڪائونٽس جو حساب وٺي، فضل الرحمان اڄ تائين پارٽي اڪائونٽس جو حساب ناهي ڏنو. هو اليڪشن ڪميشن جي ٻاهرا?? ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته مريم صفدر ۽ بلاول زرداري نه قانون کي مڃين ٿا ۽ نه ئي آئين کي، ادارا انهن جي خلاف ڪارروائي ڪن ته اهي حملا آور ٿيندا آهن، تاريخ گواهه آ??ي ته اهي ماڻهو سپريم ڪورٽ، نيب تي حملا آور ٿيا، ججز جي خلاف تنقيد انهن جي عادت آهي، هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن جو 25 آڪٽوبر تي اجلاس ٿيندو، اسان جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ 8 ڏينهن پيپلزپارٽي ۽ پوءِ 8 ڏينهن ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال ڪندا، روزاني جي بنياد تي جاچ پڙتال جي اپ ڊيٽ قوم جي سامهون رکنداسين. هن چ??و ته مريم صفدر کي چئلينج آ??ي ته هاڻي کيس راهه فرار اختيار ڪرڻ نه ڏينداسين، مريم جسٽس رٽائرڊ قيوم جي فون واري انصاف جي منتظر آهي، جڏهن به کائنس سوال ٿيندو آ??ي ته روئڻ پٽڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي، قوم سوال ڪري رهي آ??ي ته انهن جي اڪائونٽس ۾ پئسا جمع ڪرائيندڙ ڪهڙا فرشتا آهن، 4 سال کان انهن ڪروڙين روپيا موڪليندڙن جا نالا ناهن ٻڌايا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي پيروي ڀرپور طريقي سان جاري رکندي. مريم ۽ بلاول پنهنجون رسيدون ڏين، ٻيهر قطري خط يا جعلي ٽرسٽ ڊيڊ نه کڻي اچن، اصل ڪهاڻي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال کانپوءِ سامهون اچڻي آ??ي ته ڪيئن پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. پارٽي اڪائونٽس ۾ به پاپڙ وارن ۽ فالودي وارن جا ڪردار سامهون ايندا. هن چ??و ته پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جنهن پوليٽڪل فنڊ ريزنگ متعارف ڪرايو، ٻنهي پارٽين کي مشورو آ??ي ته رسيدون نه لڪايو ان کانسواءِ ڪو به رستو نه آهي. هن چ??و ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اسڪروٽني ڪميٽي ۾ پيش ڪيل رڪارڊ موجب ٻنهي پارٽين جا اڪائونٽس سامهون آيا آهن جيڪي گوشوارن ۾ ظاهر ناهن، پارٽي فنڊ ڪهڙي طرح استعمال ٿيا ان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، هن چ??و ته ن لي?? ۽ ?? پ پ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ لميٽيڊ ڪمپنين جي طور تي رجسٽرڊ آهن.
فارن فنڊنگ جي حوالي سان مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي تلاشي ڏيڻي پوندي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی