اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سارڪ جي باني م??مبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متح??ڪ ۽ فعال ڪردار جو خ??اه??مند آهي، سارڪ پليٽ فارم سان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي م??هن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي م??ڪن جي علائقائي تعاون جي تنظيم سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ا??سا??ا رووان ويراڪون سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل سان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان ان افسوسناڪ واقعي جي رونما ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم ان واقع جي مذمت ڪئي، پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل کي يقين ڏياريو ته حڪومت پاڪستان ان بي رحماڻي واقعي جي ذميدارن کي ڪيفر ڪرد??ر تائين پهچائيندي. هن چيو ته پاڪستان، سارڪ جي باني م??مبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متح??ڪ ۽ فعال ڪردار جو گهرجائو آهي، سارڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان، جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان، سارڪ جي م??مبر ملڪن جي وچ ۾ زميني، هوائي ۽ آبي رابطن کي وڌائڻ جي حمايت ڪري ٿو، شاهه محمود قريشي چيو ته سارڪ پليٽ فارم تان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي م??هن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير سارڪ تنظيم جي م??صدن جي تڪميل لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.
پاڪستان سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری