ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ۽ روسي ??در ولادي مير پيوٽن ون آن ون ملاقات ۾ معيشت، واپار ۽ ت??ان??ئي جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ روسي فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو هيڊڪوارٽرز ڪريملن پهچڻ تي ??در پيوٽن وز??راعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو. وز??راعظم عمران خان ۽ روسي ??در ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن، بطرفي واپار، معيشت ۽ ت??ان??ئي خاص طور تي پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 23 سالن کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني وز??راعظم جو روس جو هي پهريون دورو آهي ۽ ان دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي تجديد لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ