لاهور – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر کي پاڻ هڪ ٻئي تي اعتماد ناهي رهيو، 48 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ هاڻي 72 هو?? ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو آهي پر مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي ڪا خبر نه آهي، فضل الرحمان ۽ شهباز شريف کي منهن لڪائڻ جي جڳهه نه ملندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي چار ڊويزنن جون پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، پيپلزپارٽي حڪ??مت تبديلي بدران زرداري فيملي کان پارٽي واپس وٺي، بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته انهن جو وزيراعظم ڪير هو??دو؟ اڃا ته ائين لڳي رهيو آهي ته 8 ڪلاڪ شهباز شريف، 8 ڪلاڪ فضل الرحمان ۽ 8 ڪلاڪ آصف علي زرداري وزيراعظم هو??دا، سمورا اتحادي ا??ان ??ان گڏ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪ??مت مستحڪم آهي، بلاول ڀٽو جي لانگ مارچ کي راولپنڊي ۾ ڀليڪار چونداسين، انهن جو 60، 70 ماڻهن جو مارچ مئچ دوران به اچي ويو ته ڪو مسئلو نه آهي، انهن کي ڪيبن به ڏينداسين ۽ پي ٽي آءِ جي فنڊ مان چانهه به پيارينداسين. هن چيو ته 22 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي، پهريون ڀيرون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سئو سيڪڙو پاڪستان جي اندر ٺهي رهي آهي، يورپ ۽ آمريڪا ??ان ا??ان جا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، پشاور سانحي تي تمام گهڻو ڏک آهي، ا??ان جي دلين تي قيامت گذري آهي، پوري قوم ده??تگردي جي خلاف متحد آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 24 سالن کانپوءِ ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي، ا??ان چاهيون ٿا ته مخالف ڌر عالمي سطح تي اهڙي قسم جا سگنل نه ڏي جنهن ??ان ڪرڪيٽ متاثر ٿئي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي لانگ مارچ کي راولپنڊي ۾ ويلڪم ڪريون ٿا پر اهي مئچ کانپوءِ راولپنڊي پهچن ڇو ته 24 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي، هو??ئن جيڪڏهن اهي پنهنجي 60، 70 ماڻهن جو مارچ مئچ دوران به کڻي آيا ته ڪو مسئلو نه آهي، اسانهن کي ڪيبن به ڏينداسين ۽ پي ٽي آءِ جي فنڊ مان چانهه به پيارينداسين. 48 ڪلاڪن کانپوءِ هاڻي 72 هو?? ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو آهي پر مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي ڪا خبر نه آهي، منهنجو خيال آهي ته عدم اعتماد جي رٿ انهن جو اهو ٻار هو جيڪو گهٽيءَ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو آهي، هاڻي ڏسون ته اهي پنهنجي ان گم ٿيل ٻار کي ڳولڻ ۾ ڪيترو وقت لڳائين ٿا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو لٿل چهرو ڏسي شاڪر شجاع آبادي جو اهو شعر ان تي فٽ اچي ٿو ته ”تو شاڪر آپ سياڻان اين ساڊا چهره ويک حالات نه پڇ“. هن چيو ته حڪ??مت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ مستحڪم آهي، سمورا اتحادي ا??ان ??ان گڏ آهن، حڪ??مت کي انهن چورن، ڦورن ۽ عدم اعتماد جي ڊرامي کان ڪو خطرو نه آهي. هن چيو ته عمران خان مسلمان امت ۽ پاڪستان جو ليڊر آهي، هلندڙ سال 22 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، هيستائين 29 پرڏيهي وزيرن اچڻ جي تصديق به ڪري ڇڏي آهي، هن ڀيري 23 مارچ جي ڏينهن پوري مسلمان امت، يورپي ملڪن سميت اهم ملڪن جا پرڏيهي وزير پاڪستان ??ان گڏ بيٺل هو??دا. چوڌري فواد حسين چيو ته ا??ان متوازن پاليسي تي يقين رکون ٿا، روس يوڪرين تڪرار تي ا??ان جو موقف واضح آهي، ان تاثر کي رد ڪريون ٿا ته ا??ان جا ويسٽرن بلاڪ ??ان لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، وزيراعظم عمران خان روسي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ پنهنجي پاليسي واضح ڪري ڇڏي هئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم پڻ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جنگ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ڳالهين ??ان مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جنگ جو حامي نه آهي، ڳالهين ??ان مسئلن جو حل چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سئو سيڪڙو پاڪستان جي اندر ٺهي رهي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ اهڙي حڪ??مت اقتدار ۾ آهي جنهن جي پٺيان فوج، پورو ملڪ ۽ عام ماڻهو بيٺل آهي، ا??ان جي پاليسين ۾ وزيراعظم جو ملڪ لاءِ احساس نظر اچي ٿو، مخالف ڌر خاص طور تي جن جو مي فيئر ۾ گهر آهي اهي بيهوش ٿي ويا آهن ته وزيراعظم روس ڇو هليو ويو، يورپ ۽ آمريڪا ??ان ا??ان جا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، ا??ان چاهيون ٿا غريب ملڪن جو جيڪو پئسو ٻاهرئين ملڪن منتقل ٿيو آهي اهو واپس اچي، ان حوالي ??ان ا??ان تيزي ??ان ڪم ڪري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پشاور سانحي تي تمام گهڻو ڏک آهي، ا??ان جي دلين تي قيامت گذري آهي، پوري قوم ده??تگردي جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته جڏهن به پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ شروع ٿي اهڙي طرح جا سانحا ٿيا، پشاور سانحي تي هر ٽوئيٽ ڀارت مان جنريٽ ٿي رهي هئي جنهن ۾ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽيگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ا??ان ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيا آهيون پر ڀارتي حڪ??مت پنهنجي انهن 65 سيڪڙو ماڻهن کي به يرغمال بڻايو آهي جن مودي کي ووٽ نه ڏنو. هن چيو ته پاڪستان امن جي لاءِ تيار اهي، ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته جهانگير ترين بيمار آهي ۽ هو علاج جي لاءِ ٻاهر ويو آهي. جهانگير ترين جي طبيعت هاڻي بهتر آهي پر هو في الحال وطن واپس نه اچي رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي چار ڊويزنن جون پارٽيون بڻجي رهجي ويون آهن ۽ انهن جو مقصد رڳو پنهنجي ڦريل دولت کي بچائڻ آهي. بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته انهن جي وزيراعظم جو اميدوار ڪير آهي، اڃا ته ائين لڳي رهيو آهي ته 8 ڪلاڪ شهباز شريف، 8 ڪلاڪ مولانا فضل الرحمان ۽ 8 ڪلاڪ زرداري وزيراعظم هو??دا، مريم ۽ بلاول جيئن ته ننڍا آهن اهي چار چار ڪلاڪن جا وزيراعظم هو??دا. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪ??مت تبديلي بدران زرداري فيملي کان پارٽي واپس وٺي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سائبريا ۾ جڏهن تمام گهڻي برف پوي ٿي ته اتي خوراڪ ختم ٿي وڃي ٿي، اتي موجود ڀيڙيا هڪ ٻئي تي نظر رکن ٿا ته ڪير انهن تي حملو نه ڪري ڇڏي، ا??ان جي مخالف ڌر جو حال به سائبريا جي ڀيڙين جهڙو آهي انهن مان ڪنهن کي هڪ ٻئي تي اعتبار نه آهي.
مخالف ڌر کي پاڻ هڪ ٻئي تي اعتماد ناهي رهيو، 48 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ هاڻي 72 هون ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو آهي پر مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي ڪا خبر نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ