ڪراچي – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه طرفان خيبرپختونخوا، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد، ريليف ۽ بحالي جون سرگرميون ڀرپور طريقي سان جاري آهن. پاڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي م??ابق پاڪ فضائيه پنهنجن ميڊيڪل ڪيمپن ۽ موبائل ميڊي??ل ٽيمن ذريعي ٻوڏ متاثرن کي ضروري خطي امداد فراهم ڪري رهي آهي. پاڪ فضائي?? جون ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس پڻ ٻ??ڏ متاثرن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي سڃاڻپ ۾ سرگرم آهن. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن ٽرانسپورٽ فليٽ، هيليڪاپٽرن ۽ ٻيڙين ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل مقامي م??ڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن ۾ خشڪ راشن، پچيل کا??و، پائڻ جو صاف پاڻي ۽ عام واهپي جون ٻيون شيون ورهايون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورت مند خاندانن ۾ 18 هزار 20 پچيل کا??ي جا پيڪيٽ، 340 پاڻي جون بوتلون ۽ 560 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا. وڌيڪ اهو ته مفت خوراڪ ۽ رهائشي جي فراهمي کان علاوه پاڪ فضائي?? جون ميدي??ل ٽيمون 878 مريضن جو مفت طبي م??ائنو پڻ ڪيو.
پاڪ فضائيه طرفان ٻوڏ متاثرن جي طبي امداد جون سرگرميون جاري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا