ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير ??يخ نهيان بن مبارڪ ال??هيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف کيس پاڪستان ۾ توانائي، ايوي ايشن ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير ??يخ نهيان بن مبارڪ ال??هيان سان ملاقات ڪئي. ??يخ نهيان وزيراعظم کي سڄي دنيا ۾ رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي قدرن جي فروغ لاءِ ان جي حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ??يخ نهيان بن مبارڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو جيڪي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا اهن. وزيراعظم شهباز ش??يف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيندي گڏيل عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ??يخ نهيان جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت سيڙپڪاري ۾ پاڪستاني عوام تي اعتماد ??ي ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس توانائي، هوابازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن