اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، پاڪستان ”ويز?? وچ ايشيا“ پاليسي تحت سمور?? وچ ايشيائي ر??اس??ن سان بهتر، نتيجاخيز ۽ پائيدار رابطا قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستا?? وچ ايشيا سان سياسي، اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڪاسا 1000 توانائي منصوبو ويز?? وچ ايشيا جو هڪ اهم جز آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفير محمد سعيد سرور سان ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جا تاجڪستان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن، تاجڪستان ۾ پاڪستان جو سفير توانائي ۽ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير تاجڪستان ۾ پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن جي وچ ۾ علمي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تاجڪ شاگرد ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي مواد تائين پهچ حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر ڀارت جي اقليت دشمن ۽ مسلمان دشمن پاليسين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد سعيد سرور کي تاجڪستان ۾ بطور پاڪستان جي سفير مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نامزد سفير ڀائر ملڪ تاجڪستان سان ٻطرف?? لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري.
تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏني وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena