اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته اڄ گلگت بلتستان ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، گلگت پهچڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ٿي، وڏي وزير گلگت بلتستان جي عوام پاران روايتي چادر ۽ ٽوپي ??و تحفو ڏنو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن سان ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اڳڀرائي کان آگ??هي ٿي.
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha