اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ ۽ مقابلي جا امتحان باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي برابر ??ق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول آفيسرن جي مقررين ۽ خصوصي ڪوٽا جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، نگران وزيراعظم جي سيڪريٽري، اسٽيبلشمينٽ جي سيڪريٽري ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس کي تازو ئي منعقد ٿيندڙ مقابلي جي خصوصي امتحان جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان امتحان ۾ 15 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو جنهن ۾ 3500 کان وڌيڪ جو تعلق بلوچستان سان آهي، ان امتحان ۾ بلوچستان ڪوٽا جُون اٽڪل 60 کان وڌيڪ جايون شامل آ??ن. ??گران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سرڪاري ڀرتين جي لاءِ مقابلي جي امتحانن ۾ اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن جي خالي جاين کي ڀرڻ جي لاءِ اهڙا امتحان باقاعدگي سان منعقد ڪ??ا وڃ??، اقليتن جي مقابلي جي امتحان ۾ شموليت جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ آگاهي مهم پڻ هلائي وڃ??، بلوچستان سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙي وڃ?? ۽ سول آفيسرن جي ر??ٽيشن پاليسي کي ان جي حقيقي ر??ح موجب بحال ڪيو وڃ?? ۽ ان تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃ??. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي برابر ??ق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي هر شهري کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ر??ي آهي.
نگران وزيراعظم پاران ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ ۽ مقابلي جا امتحان باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ