اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ جي سدائين حمايت ڪندو رهندو، پاڪستان جي پرڏي??ي پاليسي جو مقصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي، پاڪستان اقتصادي سفارڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطين ڪاز جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ 4 کان 6 جون دوران جاري رهندڙ سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اه?? گادي وارن شهرن مان پاڪستان جا سفير شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي پرڏي??ي پاليسي جي مختلف رخ?? تي غور فڪر ڪيو پيو وڃي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آجيان ڪندي سفيرن واري ڪانفرنس ۾ مباحثي جي فريم ورڪ ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي لاءِ سفارتي چئلينجز ۽ موقعن بابت هڪ مباحثي فورم جي طور تي ان جي اه??يت جو خاڪو پيش ڪيو. هن پرڏي??ي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ پرڏيهي آفيس جي اه?? ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پنهنجي اه?? خطاب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي پرڏي??ي پاليسي کي موجوده دور جي ضرورتن سان ??م آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ان جي طرز عمل بابت اه?? ضرورتن بابت پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏي??ي پاليسي کي ملڪ جي هڪ ترقي پسند، معاشي طور تي ترقي يافته رياست جي ويزن جي طور تي رهنمائي ڪرڻ گهرجي جيڪا پنهنجي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي کي ترجيح ڏي ٿي، پاڪستان جي پرڏي??ي پاليسي جو مقصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان گڏ بيٺل رهندو، اقتصادي سفارتڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطيني ڪاز جي حمايت جاري رکندو. هن ڪانفرنس کي خطي ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين جي پس منظر ۾ وقت سر ۽ لاڳاپيل قرار ڏنو. هن پاڪستان جي سفارتڪاري تي پنهنجي اعتماد جو ورجاءُ ڪيو ۽ سفارتڪارن جي سخت مشڪلاتن جي باوجود بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي انهن جي صلاحيت?? تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ غور فڪر سان پاڪستان جي پرڏي??ي پاليسي کي موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي تجويزون ملنديو??. ن??ران وزيراعظم پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستاني سفارتڪارن جي لاءِ پاڪستان جي مفادن جي تحفظ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ جي سدائين حمايت ڪندو رهندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ریل رش