اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ج?? قطر سان ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀرپور ??لاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان ۾ قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخطر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم قطر جي ام??ر شيخ تميم بن حمد الثاني، نائب ام??ر شيخ عبدالله بن حمد الثاني ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن ج??سم الثاني جا پنهنجي وزيراعظم جي چونڊجڻ تي مبارڪباد وارا پيغام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي قطر س??ن پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ڀرپور ??لاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جيڪا سندس اڳوڻي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي، هاڻي هڪ موثر ۽ نتيجاخيز طريقيڪار طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي اهم شعبن يعني زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. وزيراعظم غزه ۾ امن جي ڪوششن ۾ قطر جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ به غزه ۾ تشدد جو ??لسلوجاري آهي. وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۽ مارچ 2023ع ۾ قطر جي پنهنجي سرڪاري دورن جو ??ڪر ڪندي قطر جي امير کي پاڪستان جو ??رڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام ويجهي مستقبل ۾ سندس استقبال جي منتظررهندي. قطر جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪندو.
پاڪستان جا قطر سان ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل