بيجنگ – 07 – جون (اي پ?? پي) پاڪستان ۽ چين صنعت، توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، صحت، ٽيليويزن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 23 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن جي تقريب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي وچ ۾ عظيم عوامي هال ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ منعقد ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پڻ موجود هئا. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ جن مفاهم?? جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون انهن ۾ فلم ”ڪو – پروڊڪشن“ جو معاهدو، خبرن ۽ اطلاعا?? جي مٽاسٽا ۽ تعاون جو معاهدو، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن، سي پ??ڪ ۾ ٿرڊ پارٽي جي حصيداري جي حوا??ي سان ضابطي ڪار، ڊيره اسماعيل خان – زوب قومي رستو 50 جي فزيبلٽي اسٽڊي جي حوا??ي سان مفاهمتي يادداشتن، مظفر آباد- ميرپور – منگلا ايڪسپريس وي جي فزيبلٽي اسٽڊي جي حوا??ي سان مفاهمتي يادداشت، مانسهره – چلاس قومي رستو – 15 تي بابوسر واري جڳهه تي ٽنل جي تعمير جي حوا??ي سان مفاهمتي يادداشتن، ڪراچي – حيدرآباد موٽروي – 9 جي حوا??ي سان فزيبلٽي اسٽڊي، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ جي مفاهمتي يادداشت، 2022ع جي صنعتي تعاون جي فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ جي حوا??ي سان ايڪشن پلان، سائنس?? ۽ ??يڪنيڪي شعبن ۾ سرويئنگ، ميپنگ ۽ جيو انفارميشن جي حوا??ي سان پروٽوڪول، زراع?? جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي مفاهمتي يادداشت، توانائي جي موثر مئنيجمينٽ سسٽم جي حوا??ي سان اسٽڊي، هڪ هٺيءَ جي خاتمي ۾ تعاون جي حوا??ي سان مفاهمتي يادداشت، گورننس جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ جي حوا??ي سان ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، انڊسٽريل پار?? جي تعمير جي حوا??ي سان ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، ستين جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي سي پ??ڪ تحت صنعتي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي اتفاق جي توثيق، پاڪ چين دوستي اسپتال، گوادر جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، گوادر ۾ سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪرڻ جي پ??انٽ جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جي ٻيهر تعمير جو ليٽر آف ايڪسچينج، ليڊي هيلٿ ورڪرز ورڪ اسٽيشن جي منصوبي جو ليٽر آف ايڪسچينج ۽ جوناڪو ڪلٽيويشن ڊيمانسٽريشن اينڊ پروجيڪشن جي منصوبي جو ليٽر آف ايڪسچينج شامل آهن. معاهدن ۽ مفاهم?? جي يادداشتن تي پاڪستان پاران منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ چين پاران صنعت، توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، صحت، ٽيليويزن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 23 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے