اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صنعتن جي پا??ستان منتقلي جي حوالي سان چيني ۽ پا??ستاني ڪمپنين جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان ۾ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروبار دوست م??حو?? فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران شينزن ۾ پا??ستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن جي حوالي سان اڳڀرائي تي جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز ون اسٽاپ شاپ جي قانون جي مسودي تي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي ڏس ۾ نظرثاني جي هدايت ڪندي چيو ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، فٽ ويئر ۽ ٻين صنعتن جي پا??ستان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اجلاس کي سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چيني صنعتن جي پا??ستان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان قدم کنيا ??يا ??ڃن، اسلام آباد بزنس فيسلي ٽيشن مرڪز قائم ڪرڻ جي حوالي سان چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، آسان ڪاروبار ايڪٽ جو مسودو جلد ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ موڪليو پيو وڃي. اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين ??اري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مل??، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis