اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته ملاقات ڪئي جنهن ۾ عراق ويندڙ پاڪستاني زائرين کان داخلا پاسپورٽ نه وٺڻ، اربعي?? جي موقعي تي ٽريول ايجنٽن بدران عراقي سفارتخاني طرفان پاڻ زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ، اربعي?? جي ڪوٽا ۾ اضافي ۽ خصوصي اڏام?? جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ فيصلو ٿ??و ته هلندڙ سال گذريل سال کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا ويندا، زائري?? جي وڌيڪ سهولتن لاءِ ڪراچي ۾ عراقي قونصليٽ کي ٻيهر اوپن ??رڻ لاءِ اڄ ئي سمورا معاملا حل ??رڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي چ??و ته گهرو وزارت ان ڏس ۾ هر ??مڪن تعاون فراهم ڪندي. اربعي?? جي موقعي تي پاڪستاني زائرين لاءِ ويزا فيس ختم ??رڻ لاءِ گهرو وزير پنهنجي عراقي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪندو. ملاقات ۾ عراق ۾ قيد پاڪستاني?? جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير محسن نقوي چ??و ته زائرين کان وڌيڪ فيس چارج ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو ويندو. ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ تي ويزا جي ڇوٽ جي معاهدي کي جلد کان ج??د حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي زائري?? جي سهولت لاءِ قدمن تي عراقي گهرو وزير ۽ عراقي سفير جو ٿورو مڃيو. گهرو وزير چ??و ته هوائي سفر ذريعي عراق ويندڙ زائرين کان پاسپورٽ نه وٺڻ جي فيصلي سان وڏي سهولت ملندي. عراقي سفير چ??و ته پاڪستاني زائرين کي ٻين ملڪ?? جي برابر سهولت?? جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. عراقي سفير عراق جي گهرو وزير طرفان گهرو وزير محسن نقوي کي عراق جي دوري جو دعوت نامو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين کي هر ??مڪن سهولتون فراهم ??رڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير محسن نقوي فوري طور تي ايوي ايشن واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رابطو ڪيو جنهن ۾ عراقي ايئر لائين کي اڄ کان ئي خصوصي اڏامون هلائڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. عراقي ايئر لائن کي اڄ ئي باضابطه طور تي خصوصي اڏمون هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي. پي آءِ اي جون به خصوصي اڏامون عراق لاءِ هلايون وينديون. حتمي شيڊول اڄ تائين جاري ڪيو ويندو.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena