اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته زراعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ تحت زرعي شعبي ۾ هڪ هزار ماهرن جي چين ۾ تربيت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ خوراڪ و زراعت واري وزارت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته زراعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراع??م جي خصوصي هدايت تي هڪ هزار ماهرن کي چين موڪليو پيو وڃي، جديد رخن تي هموار ڪرڻ زراعت جي شعبي ۾ تربيت حاصل ڪندا. هن چيو ته اسان وٽ بهترين وسيلا موجود آهن، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو، اميد آهي ته تربيت لاءِ چين ويندڙ هڪ هزار ماڻهو ملڪ ۾ زرعي انقلاب جا معمار بڻجندا. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي شعبي ۾ ترقي وزيراع??م جي ترجيحن ۾ شامل آهي، زراعت جي شعبي جي هدف کي حاصل ڪي?? ويندو، زراعت ۾ روايتي طريقي واري پوک کي تبديل ڪي?? ويندو.
زراعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل