جنيوا – 01 آڪٽوبر (اي پي پي )انٽر نيشنل ڪميٽي آف دي ريڊ ڪراس( آئي سي آر سي ) سڄي دنيا ۾ جاري تڪرار دوران جنيوا ڪنوينشنز جي کليل ڀڃڪڙي بابت خبردار ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق آئي سي آر سي جي سربراهه سپولجرڪ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته سمورن ملڪن کي فوري طور تي ٻيهر انساني معاملن بابت عا??مي ق??نو?? جي پاسداري شروع ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عس??ري آپريشنن جي قيادت ڪندڙ ملڪ انساني معاملن بابت عا??مي ق??نو?? کي باقاعده پيرن هيٺان لتا??يو آهي، غزه، سوڊان ۽ يوڪرين ۾ زخمين ۽ فوتين جو انگ تصور کان وڌيڪ آهي. سندس چوڻ هو ته ريڊڪراس لا??ِ اهڙين آبادين تائين رسائي ۾ وڏي پيماني تي رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن. جن کي هن وقت مدد جي سخت ضرورت آهي . واضع رهي ته آئي سي آر سي جنيوا معاهدن تي عمل تي نظر رکندڙ ڪميٽي آهي جيڪا تڪرار دوران هڪ غير جانبداراڻي ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندي آهي.
سڄي دنيا ۾ جاري تڪرار دوران جنيوا ڪنوينشنز جي کليل ڀڃڪڙي سبب ڳڻتي آهي: ريڊ ڪراس
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ