گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جي آم??يڪي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي ۽ بارودي سرنگهن جي نون خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. العربيه موجب بارودي سرنگهن تي پاب??دي جي معاهدي تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمبوڊيا ۾ رٿيل ڪانفرنس ۾ موڪليل تبصري ۾ دنيا ۾ بارودي سرنگهن کي ناڪام بڻائڻ ۽ تباهه ڪرڻ واري ڪم کي ساراهيو. هن چيو ته خطرو برقرار آهي، ان ڪنوينشن ۾ ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن بارودي سرنگهن جي نئين سر استعمال سان گڏوگڏ انهن جي هٿيارن کي تباهه ڪرڻ جي معاملي ۾ واعدي خلاف ڪندڙ ڪجهه ملڪ به شامل آهن. هن 164 صحيحيون ڪندڙن کان مطالبو ڪيو آهي، ته اهي پنهنجون زميواريون پوريون ڪن ۽ ان ڪنيونشن جي تعميل کي يقيني بڻائين، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو تبصرو گڏيل قومن جي ماتحت سيڪريٽري جنرل ارميڊا سلسيا پهچايو. ڪانفرنس ۾ موجود يوڪريني ٽيم آم??يڪي بارودي سرنگهن جي سپلاءِ جي باري ۾ اي ايف پي جي سوالن جواب نه ڏنا. گذريل هفتي آم??يڪا ا??لا?? ڪيو هو ته هو يوڪرين کي بارودي سرنگهون موڪليندو. ان ا??لا?? کي انساني حقن جي ڪارڪنن فوري طور تي تنقيد جو نشانو بڻايو. ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن مانيٽ ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته سندس ملڪ کي هن وقت تائين 1600 چورس ڪلوميٽر (618 چورس ميل) کان وڌيڪ زمين صاف ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جون زندگيون متاثر ڪري رهي آهي. ڪمبوڊيا ۾ 1979ع کان هن وقت تائين بارودي سرنگون ۽ نه ڦاندڙ هٿيارن سان اٽڪل 20 هزار ماڻهو فوت ۽ ان کان ٻيڻا ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. بارودي سرنگن تي پاب??دي جي عالمي مهم آءِ سي بي ايل گذريل ڏينهن ٻڌايو ته گذريل سال سڄي دنيا ۾ 5757 ماڻهو بارودي سرنگن ۽ ڌماڪي خيز مواد جو نشانو بڻيا جنهن مان 1983 فوت ٿي ويا. بيان ۾ چي?? ويو آهي ته سمورن رڪارڊ ٿيل فوتگين ۾ 84 سيڪڙو شهري هئا.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جي آمريڪي فيصلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات