اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف صدر ممنون حسين سان ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ اهم قو??ي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ممنون حسين وزيراعظم کي ص??تيابي تي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم نواز شريف پوري توانائي سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهندو. ملاقات ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت توانائي جي جاري منصوبن، امن امان جي صورتحال، آپريشن ضرب عضب ۽ قو??ي معيشت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس