اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي والاريل ڄمون ڪش??ير جي عوام تي ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀارتي خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ريفرنڊم ل??ءِ ڪشميري عوام جي جدوجهد جي هر ممڪن سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪيو آه??. سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي هڪ قرارداد ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وزيراعظم جي جرئتمنداڻي ۽ ڀرپور خطاب کي ڪش??يري ۽ پاڪستاني عوام جي امنگن جي ڀرپور ترجماني وارو قرار ڏيندي ان کي ساراهيو ۽ چيو ته عالمي اڳواڻن ۽ عالمي ادارن سان وزيراعظم جي رابطن واضح ڪري ڇڏيو آه?? ته ڪش??ير جي مستقبل جو فيصلو هندستان جي ورڇ جي نامڪمل ايجنڊا آه?? ۽ ان کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ کانسو??ءِ خطي ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي.
مسلم ليگ (ن) جي سي اي سي پاران ڀارتي ظلمن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز