اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري کي ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ گهرن لاڳاپن جو مظهر قرار ڏيندي چيو آهي ته ان دوري سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سگهار?? اقتصادي لاڳاپن جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو، سعودي عرب پاران پاڪستان جي ناڻي ۾ 3 ار?? ڊالر جي وڏي رقم رکڻ ۽ موخر ادائيگي تي تيل جي فراهمي سان پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ڏسڻ جي خواهش جي عڪاسي ٿئي ٿي، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جو دائرو وسيع ٿيندو ۽ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا جنهن سان ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ مستحڪم تاريخي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي گزٽ ۾ شايع ٿيل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : راکی